ٽنڊوالهيار (خاص نمائندو) ٽنڊوالهيار ضلعي ڪائونسل، ايم سي ٽائون ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلن جي چونڊيل اميدوارن حلف کڻي ورتا.  ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ٿيندڙ حلف برداري تقريب ۾ رٽرننگ آفيسر پاران حلف کڻايو ويو. ان سلسلي ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جي حلف برداري تقريب ڊپٽي ڪمنشر آفيس ۾ شهيد بينظير ڀٽو هال ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ضلعي جي چونڊيل گڏيل طور 235 چونڊيل اميدوارن حلف کنيو، حلف کڻندڙن ۾ ضلعي ڪائونسل جي مجموعي 26 ميمبرن، 26 چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين 104، يونين ڪائونسلن جي وارڊن جي ميمبرن ميونسيپل ڪميٽي ٽنڊوالهيار جي 23 ميمبرن ۽ پنج ٽائون ڪميٽين جي 27 ميمبرن پاران حلف کنيو ويو. جڏهن حلف کڻندڙن ۾ 99 سيڪڙو پ پ جا اميدوار شامل هئا، ضلعي جي ٽوٽل 26 يونين ڪائونسلن تي پ پ جا 22 چيئرمين وائيس چيئرمين ۽ 4 آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا هئا. جڏهن ته ضلعي 104 وارڊن تي 76 پ پ 24 آزاد جڏهن 3 جي يو آئي جا اميدوار ڪامياب ٿيا هئا جن اڄ حلف کنيو. جڏهن ته ميونسيپل ڪميٽي جي 23 وارڊن مان 16 وارڊن تي پ پ ٻن تي تحريڪ انصاف, ٻن تي تحريڪ لبيڪ, 1 تي راه حق پارٽي جو اميدوار جڏهن ته ٻن سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا هئا جن حلف کڻي ورتو آهي. جڏهن ته حلف برداري جي تقريب ۾ صوبائي وزير سيد ضياء عباس شاهه پڻ شرڪت ڪئي.