اوٻاوڙو(ن پ ا): اوٻاوڙو تعلقي جي 16 يونين ڪائونسل سٽي جي 10 وارڊن تي چونڊيل ڪائونسلرن چيئرمينن سميت 106 نمائندن گورنمينٽ بوائز هائي اسڪول اوٻاوڙو ۾ تقريب حلف برداري ٿي گذري ، جتي آر او محمد آصف جوڻيجو پاران حلف کڻايو ويو، ان موقعي تي ٽائون ڪاميٽي اوٻاوڙو جا 10 ميمبر جن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڄام حسن خان ڏهر، ڄام عالم، شهاب خان ڏهر، سردار احمد خان سيلرو، حاجي عبدالرحمان پنهور، زاهد حسين دايو، محمد سليم لنڊ ،شاهد حسين سومرو، عبيدالله سمون ، يوسي چيئرمين سيد فهاد حسين شاهه، يوسي چيئرمين امتياز رند، يوسي چيئرمين مشتاق خان رهڙ، يوسي چيئرمين اجمل گرگيج سميت چونڊيل اميدوارن حلف کنيو، ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ريلي ڪڍي وئي اميدوارن کي گلن جا هار پارايا ويا ۽ مبارڪون پڻ ڏنيون ويون، تقريب کي آر او محمد آصف جوڻيجو چيو ته هي اوهان کي اڄ هڪ وڏي ذميواري ملي رهي آهي اوهان عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ضرور ڪجو هن حلف کي معمولي نه سمجھجو اوهان کي مبارڪون هجن.