خيرپور (رپورٽر) ناري تعلقي جي ڳوٺ عبدالرشيد پنهور جي رهواسي ذوالفقار علي پنهور سيشن جج خيرپور جي جي عدالت ۾ سي آءِ اي پوليس پڪٽ نارا جي انچارج تاج محمد شر، هيڊ ڪانسٽيبل علي مراد سوڍڙو ۽ سپاهي غلام حسين سهتو سميت پنجن ڄڻن خلاف بنا جواز گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي تشدد ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جي الزامن هيٺ درخواست داخل ڪرائيندي عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته سندن خلاف  ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي. عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي سمورن اهلڪارن کي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آ هي.