غوثپور (ن پ ا) غوثپور ۾ ڪيمڪل وارو کير وڪرو  ٿيڻ جي شڪايتن بعد ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور جي نوٽيس تي اسسٽنٽ ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي جي انچارج هوٽلن ۽ دڪانن تي ڇاپا هڻي چڪاس لاءِ کير جا سيمپل ورتا. شهرين وڪي ڀيو، نياز ملڪ، ديوان لال رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪيميڪل وارو کير شهر جي هوٽلن ۽ دڪانن تي سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف مارڪيٽ ڪاميٽي جي اسسٽنٽ انچارج شوڪت سومرو سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش باوجود رابطو نه ٿي سگهيو.