خيرپور جي عدالت ۾ پ پ ايم اين اي مهرين ڀٽو جي ڀاءُ خلاف پٽيشن داخل

0
282
اغوا ڪيس: 4جوابدارن

خيرپور: حيدرآباد واسي ايگريڪلچرل کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام مجتبيٰ لاکو خيرپور جي عدالت ۾ پ پ ايم اين مهرين ڀٽو جي ڀاءُ خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي، خيرپور پوليس معرفت ڀاءُ کي حراسان ڪرڻ جا الزام، نوٽيس جاري، ڇهن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت 10 ڄڻن کي نوٽيس جاري ڪيو ويو

عدالت ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم.  درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته منهنجو ڀاءُ غلام مرتضيٰ لاکو سول انجنيئر آهي ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر آهي جنهن کي مهرين ڀٽو جو ڀاءُ ڪاشف ڀٽو خيرپور ضلعي جي مختلف پوليس ٿاڻن معرفت ڪوڙا ڪيس ڪري حراسان ڪري رهيو آهي، کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي

خيرپور: عدالت پٽيشن ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي اي ايس پي سٽي خيرپور، انچارج سي آءِ اي سينٽر خيرپور ۽ اي سيڪشن، بي سيڪشن، شاهه حسين، اڪنامڪ زون، ٻٻرلوءِ ۽ شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ اوز خلاف نوٽيس جاري ڪندي کانئن رپورٽ طلب ڪري ورتي.