ڪراچي: 3 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي تمر جا ٻيلا پوکيا آهن: صوبائي وزير تيمور ٽالپر

0
189

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ ٻيلي کاتي بابت سوال جواب ڏيندي صوبائي وزير تيمور ٽالپر چيو ته اسان 3 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي تمر جا وڻ پوکيا آهن ۽ ان ۾ سنڌ حڪومت ريڪارڊ قائم ڪيو آهي

سپريم ڪورٽ جي هدايت تي چئن ضلعن ۾ ٻيلي کاتي جي 52 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين جي ليز ڪينسل ڪئي وئي آهي، ٻيلي کاتي جي ايڪٽ تحت قبضا ڪندڙن خلاف ڪيس به داخل ڪيا ويندا آهن.