خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان ڳوٺ علي گل ڪٽوهر جي رهواسين امدادي سامان نه ملڻ ۽ گهرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف ڊپٽي ڪمشنر آفيس ٻاهران ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته برساتن سبب گهر تباهه ٿي ويا آهن. ان جي باوجود ڪوبه انتظامي عملدار توڙي چونڊيل نمائندو لڙي نه آيو آهي. راشن نه ملڻ سبب معصوم ٻارڙا بکون ڪاٽي رهيا آهن. گذريل 20 ڏينهن کان کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته امدادي سامان فراهم ڪرڻ سان گڏ گهرن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.