لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ايڌهي سينٽر لاڙڪاڻو طرفان شهر جي مختلف رليف ڪئمپن ۽ هنڌن تي رهائش اختيار ڪري ويٺل مرد، عورت ۽ مرد برسات 4300 متاثرن ۾ استعمال ٿيل ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو. ان حوالي سان ايڌهي سينٽر انتظاميه ايڌهي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌهي جي ھدايتن تي پوري سنڌ جيان لاڙڪاڻي ۾ به برسات متاثرن جي واهر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي اڄ رليف ڪئمپن ۽ مختلف هنڌن تي رهائش اختيار ڪندڙ 4300 عورتن ۽ مردن ۾ ڪپڙا ورهايا ويا آهن. سرندي وارن کي اپيل آهي ته هو ضرورتمند، بي يارو مددگار ۽ هن وقت مجبور انسانن جي استعمال لاءِ استعمال ٿيل ٿانو، ڪپڙا ۽ راشن ڏين جيئن وڌ کان وڌ برسات متاثرن جي واهر ڪري سگهجي.