خيرپور (رپورٽر) ڪسٽم پوليس حيدرآباد خيرپور ۾ شاهه حسين چيڪ پوسٽ وٽ ڪارروائي ڪري ڪروڙين رپين جي ماليت جو سامان هٿ ڪري ورتو. ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ڪسٽم حيدرآباد جي ٽيم ڳجهو اطلاع ملڻ بعد ڪارروائي ڪري 4 ڪروڙ رپين جي ماليت جو نان ڪسٽم سامان هٿ ڪري ورتو. ڪسٽم ڪليڪٽر ممتاز علي کوسو موجب نان ڪسٽم سامان ۾ چائنا جو ڪپڙو، خشڪ کير، پلاسٽڪ جو ٿيلهيون ۽ ٻيون سامان شامل آهي، هٿ ڪيل 6 ٽن چائنا ڪپڙي جي ماليت 2 ڪروڙ 20 لک، خشڪ کير جي ماليت 70 لک رپيا آهي.