خوني لانگ مارچ

0
214
خوني لانگ مارچ

 لاهور جي لبرٽي چوڪ کان نڪتل لانگ مارچ ڪالھه خميس ڏينهن ميڊيا لاءِ بريڪنگ نيوز ۽ هڪ سنسي خيز خبر بڻجي ويو آهي،  جمع جي ڀلاري ڏينهن شروع ڪيل سفر خميس جي رات سموري ملڪ سميت سموري دنيا ۾ رهندڙ پياري پاڪستانين جو ڌيان ڇڪايو آهي اتي  تازو چين جي دوري تان موٽندڙ وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف کي پنهنجي ناڪام يا ڪامياب دوري بابت هڪ ڊگهي پريس ڪانفرنس ملتوي ڪري ان کان اڳ گجرانوالا جي  الله والي چوڪ تي پي ٽي آءِ جي استقبالي ڪئمپ تي فائرنگ ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي حقيقي آزادي مارچ تي ٿيل حملي جي جاچ ڪرڻ وارو بيان جاري ڪري فوري رپورٽ طلب ڪرڻي پئي  آهي.

چوڻ وارا ته ڇا پر وزيراعظم خود اهو چئي چڪو هو ته جڏهن به سندس پارٽي جي حڪومت ۾ اهڙي پيش رفت ٿيندي آهي ته عمران خان اهڙو رينگٽ شروع ڪندو آهي، پر هتي سوال اهو پيدا  ٿو ٿئي ته  هڪ صدي جي يورپي معاشي حڪمراني کي ختم ڪندڙ چين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري  ڪرڻ کان عمران خان ڇو روڪيندو جيڪو باربار اهو چئي رهيو آهي ته سندس حڪومت آمريڪا جي سازش سان ختم ڪري ملڪي عوام مٿان امپورٽيڊ حڪومت مڙهي وئي آهي، جنهن کان حقيقي آزادي ڏيارڻ لاءِ هو حقيقي آزادي مارچ ڪري رهيو آهي، ان مارچ جي هر خطاب ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جا مثال ڏيندي به اسان عمران خان کي  ٽي وي اسڪرين تي ڏٺو توڙي ساڳي صفحن تي پڙهيو آهي.  ڪالهوڪي خبر مان وفاقي  حڪومت جي  سوالن جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ته سمورا سوال پي ٽي آءِ چيئرمين جي تقرير جو اهم موضوع رهيا آهن ۽ جيڪڏھن ھن موضوعن کي سندس تقرير مان ڪڍجي ته عمران خان جو لانگ مارچ بي مقصد ۽ بي لاڀ ٿي سگهي ٿو..؟

پر جيڪڏهن اسين اھڙين سموري وارتائن تي سوچينداسين ته پاڻ اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو ته نيٺ ٿيندو ڇا پر پروگرام مطابق ٿيڻ ڇا گهرجي اهو هر ذي شعور انسان ڄاڻي ٿو، گذريل هڪ هفتي کان منهنجي ٽيبل تي اخبارون به موجود آهن ۽ مين اسٽريم ميڊيا جون وڊيوز سميت ٽائيم نيوز تي ڪيل بريڪنگ سميت سوشل ميڊيا جا منٽ به موجود آهن پر سچ اهو آهي ته پنجاب توڙي وفاقي حڪومت جي  هڪ ناڪام سيڪيورٽي مينجمينٽ ثابت ٿي چڪي آهي، راڻا ثناءَالله جون دعوائون ۽ پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي ڇا آهي ۽ پنجاب حڪومت ڪري ڇا پئي اهو سوال آهي به ۽ پنهنجي  جاءِ تي موجود رهندو.

جيڪڏھن ڳالھه ڪجي حملا آور جي ته هن ڇا چيو، ڇو چيو اهو سوال پنهنجي اهميت ان ڪري به رکي ٿو ته تاريخ جي شاهدي جناح صاحب کي اسپتال کڻي ايندڙ ايمبولينس جي ڊرائيور کان ويندي، پنڊي جي جلسي ۾ شهيد راڻي جي شهادت واري وڊيوز جي اهميت جي اهميت تي ڌيان ڇو نه ڌريو ويو.

خير جيڪو ٿيو اهو مذمت جوڳو آهي پر سوال اهو آهي ته سنڌ توڙي بلوچستان جي سياستدانن خلاف ته سازشون سٽيون وينديون رهيون آهن  پر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف انهي اهڙي ڪارروائي تي ڪيترا معصوميت ڀريا سوال  اڀري اچن ٿا. وقت جي تقاضا اها آهي ته هر جاچ کي ملڪ جي عوام آڏو هڪ آرسي جيان پيش ڪيو وڃي، جنهن ۾ اسين قومن، ملڪ توڙي آئين جو انصاف جهڙو حسين چهرو ڏسي سگجون.