ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺورو شهر لڳ باء پاس وٽان سارين جي واپاري ديوان سنجي ڪمار جي دڪان تان ٿيل ڦر ۾ ملوث ڦورو گرفتار نه ٿيڻ ۽ وڌندڙ بدامني جي خلاف واپاري ايسوسيئشن، ھندو پنچائت ۽ شهري اتحاد پاران مظاهرو ڪيو ويو. فقير محمد علي خواجه، ڏاڏا اسماعيل شورو، آڪاش زئور، عبدالغفور ميمڻ ، سريش ڪمار، حاجي موسي کٽي، قادر بخش زئور، مولوي طفيل کٽي، ڊاڪٽر غلام رسول زئور، نعمان شورو، يوسف ڪنڀار، اقبال شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو سجاول، حيدرآباد روڊ ڏيڍ ڪلاڪ تائين بلاڪ ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته ميرپوربٺورو پوليس بدامني جي ٻريل باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ ڦورن ۽ چورن تر تپائي ڇڏيو آهي ۽ هر آئي ڏينهن ڦورو ڏينهن ڏٺي جو سرعام ڦرون ڪري فرار ٿي وڃن ٿا پر مجال آهي جو پوليس ڦورن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي هجي، انهن چيو ته واپاري ۽ شهري ڦورن ۽ چورن جي رحم ڪرم تي آهن ۽ مڪمل طور تي غير محفوظ بڻجي ويا آهن، انهن چيو  منشيات جي وڏي پئماني تي وڪري سبب نه رڳو نسل تباهه ٿي رهيا آهن پر بدامني جو وڏو ڪارڻ به منشيات جو وڏي پئماني تي واهپو آهي پوليس عملدارن پاران ڏوهارين خلاف وٺ پڪڙ ڪرڻ ۽ منشيات جو وڪرو بند ڪرائڻ جي بجاءِ منشيات فروشن کان اوڳاڙي ڪرڻ لاءِ خاص اهلڪارن جون ڊيوٽيون لڳائي ڇڏيون آهن ، انهن چيو ته وڌندڙ بدامني تي ضابطو آڻي، سنجي ڪمار سميت ٿيل سمورين ڦرن ۽ چورين ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ٿيل سموريون ڦرون ۽ چوريون واپس ڪرائي، منشيات جو وڪرو بند نه ڪرايو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ، انهن آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.