لطيف جا لقب

0
297
لطيف جا لقب

 مرشد لطيف شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سنڌ جو سرموڙ شاعر جنھن موسمن، مزاحمت، مھاڏي، عورت، پيار، پاٻوھه، صحرا، مينھن، نينھن، نازڪ انساني جذبن، جدوجھد، تنظيم، حڪمت عملي، مستقل مزاجي الاجي ڇاپا، مطلب زندگيءَ کي بيباڪ ڳايو. جڏھن ڳايو چئون ٿا ته بلڪل منفرد ماحول ٿو جڙي جنھن ۾ ھڪ شاعر موسيقيءَ جو اوزار ايجاد ٿو ڪري دنيا جنھن کي “تنبوري” جي نالي سان ياد ڪري ٿي، ڳالهه اتي بيھي نٿي رھي ھو ته راڳ جا ڇٽيهه سر به سرجي ٿو جيڪي اڄ سوڌو سندس اڱڻ تي ڳايا ۽ وڄايا وڃن ٿا. سندس شاگرد (مريد) به ھئا ۽ لطيف ھڪ مستند استاد (مرشد) به ھيو.

استاد ته لطيف اڄ به آھي، ھزارن، لکن جو استاد.  جيئن منھنجو استاد آھي. باقي جاھليت ۾ اسان کيس، استاد واري “مرشد” مان ڦيرائي سڳن ڦيڻن وارو مرشد ڪري سڄي ڪرڙ کي تالا ھڻئون يا پنھنجي عقل کي تالا ھڻئون ڪجهه ڪونه ورندو.

                 ڀٽائي ھڪ استاد، ھڪ ادارو، ھڪ تعليم گاهه جو بانيڪار آھي جنھن جي اداري مان اڄ به اڻ ڳڻيا شاعر، راڳي، مون جھڙا الٽي اک سان اڳتي وڌڻ وارا شاگرد فيض حاصل ڪن ٿا.

يار!  ھي ڪو فيض آباد وارو فيض ڪونھي.

نڪو وري ڪو اروڙ جي مست وارو فيض آھي. منھنجي مراد علم حاصل ڪرڻ ۽ نيون جِھَتون دريافت ڪرڻ جي جستجو وارو فيض آھي.

ڀِٽَ جو شاهه

سوال اھو ٿو اڀري ته ھڪ شاعر، موسيقار ۽ راڳي گهڙي کن جي مڃي به وٺئون ته گادي نشين. پنھنجو وسندو شھر ڇڏي بقول غلط العام مريدن کي، ساڻ ڪري وڃي ڪنھن ويران “ڀٽ” تي ديرو ڇو ٿو ڄمائي. پوءِ وري سڏجي ٿو “ڀِٽَ جو شاهه”

اھو ڪو راز ته ڪونھي!

سنڌ ۾ ھلندڙ مزاحمتي تحريڪن جي تاريخ ڀلي اڌوگابري ھجي پر “شاهه” جو اعزاز ته ڪو ڳجهه ڪونھي.

سنڌ مختلف ذاتين جي انھن “شاھن” سان ڀري پئي آھي جن ڌرتيءَ تي ڌارين جي قبضي خلاف ھٿياربند جدوجھد ڪئي. ٻيون نه ته ڏورانھن علائقن ۾ سندن قبرون اڄ به سندن مزاحمتي حس جي شاھدي ڏين ٿيون.

اھو شاهه عنايت شھيد لانگاھه ھجي، شاهه بھارو چنجڻي، شاهه گاجي کوسو، شاهه گودڙيو عبدالله کوسو يا ڪلهوڙو ، شاهه پنجو سلطان ڏهوٽ ، شاهه گاجي کهاوڙ، شاهه بھليل شاهاڻي، شاهه جمال، شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو يا لڪ وارو  شاهه صدر ھجي.

لطيف سرڪار

عبداللطيف کي  ”ڀٽائي سرڪار” ڇو چوندا آھيون. لفظ سرڪار جي معنيٰ آھي ڪنھن رياست جو ڪارونھوار ھلائيندڙ بندوبست.

منھنجي ذاتي راءِ ۾ لطيف ان وقت ڪلھوڙن توڻي، سندن سرپرست مغلن جي سرڪار سان برسرِپيڪار ھيو. سندس متوازي سرڪار ھئي. ان مزاحمت دوران سندس مزاحمت جي ساٿين کي ‘فقير’. خطرناڪ مھم تي ويندڙن کي گھوٽ۽ اڳواڻ لاءِ ‘سرڪار’ جو مخفف استعمال ڪندا ھئا. ان ڪري لطيف ‘سرڪار’ جو استعمال به لطيف جي فقيرن ۾ ھيو جيڪو بعد ۾ ادب ۾ آيو آھي.

ڀٽائي گهوٽ

لطيف سنڌ جو ھڪ کاھوڙي، مزاحمتي ڪردار ھيو.

اھي ڪھڙا ڪارڻ ھئا جو آباديءَ کان پرڀرو ‘ڪراڙ’ ڍنڍ جي ڪپ تي وڃي ‘ڀٽ’ وسائي ھئائين.

لطيف جي مزار جي اولھه پاسي ۱۰ عدد قبرون آھن چون ٿا سڀئي ڀائر ھئا ۽ گھوٽ ھئا بيگناھه ماريا ويا.

منھنجي راءِ ۾ اھي مقصد جا ڀائر ھئا، جيئن پاڻ ساٿي لفظ استعمال ڪندا ھياسين.

انھن سڀني مھم جو ساٿين کي جن جو زندھه موٽڻ جو امڪان نه ھجڻ جي برابر ھوندو ھو انھن کي شايد ڀٽائيءَ جي مزاحمتي تحريڪ ۾ گھوٽ چئبو ھو.

ٿي سگهي ٿو لطيف پاڻ به ڪڏھن گهوٽ جي ذميواري نڀائي ھجي يا وري، انھن گهوٽن جو گهوٽ ھجي.

ان تحريڪ ۾ جنھن دوران سندن گهوٽ جو پيغام ڪٿي به مبھم ڪونه ٿو ڏسجي، ڀٽائيءَ جو پنھنجي گهوٽ ساٿين لاءِ بالڪل کليل ۽ عام فھم پيغام ھيو.

“ھڻڻ ھڪلڻ ٻيلي سارڻ، مانجهين ايءٌ مرڪ

وجھن ڪـونه فرق، رڪ وھنديءَ راند ۾”

”گهـوڙن ۽ گهـوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينھڙا

ڪڏھن منجهه ڪوٽن، ڪڏھن واھي رڻ جا”

سنڌ جي نوجوان محقق کي ڀٽائي انھن روين سان ٻيھر دريافت ڪرڻو پوندو يا ائين چئجي ته حقيقي روپ ۾ دريافت ڪرڻو پوندو.

چون ٿا ڀٽائيءَ جو پڙ ڏاڏو ھيو ‘شاهه جمال’،

يار!  منھنجو پڙڏاڏو به آھي ‘شاهه جمال’.

ڪٿي اسان ٻئي، منھنجو مطلب مان ۽ ڀٽائي سئوٽي سئوٽ ته ڪونھون.

ھونئن ته ڀٽ وارو لطيف منھنجو وڏو ڀاءُ، دوست، استاد ۽ پڪو سنگتي آھي. اسان جي پاڻ ۾ نِکَ ته لڳي ٿي پوءِ رت جي نه سھي،  سوچ جي ته پڪي آھي.