ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  چيو آھي ته وفاقي حڪومت آپگهات جي ڪوشش واري  قانون قلم 325 پي پي سي جو جائزو وٺي، پاڪستان پينل ڪوڊ  جي سيڪشن 325 تحت خودڪشي ۽ آپگهات جي ڪوشش ٻئي ڏوهي عمل آهن، موجوده قانون موجب آپگهات جي ڪوشش ڪرڻ جيل ۽ وڏي ڏنڊ سان گڏ سزا جوڳو عمل آهي، حقيقت آهي ته خودڪشي ڏوهه نه پر ذهني بيماري آهي. تنهنڪري متاثر شخص کي ڏوهاري نه پر مريض سمجهڻ گهرجي. برطانيا سميت مختلف ملڪن جي قانون سازن انهي سيڪشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڪيسن جي باري ۾ ڄاڻ جي کوٽ ۽ شهرين جي ذهني مدد وٺڻ کان ڪيٻائڻ انهي قانون جو سڌو سنئون نتيجو آهي. سنڌ حڪومت، دماغي صحت جي ماهرن ۽ سول سوسائٽيءَ تي زور ڀريو آهي ته ڄاڻايل قانون کي رد ڪيو وڃي ته جيئن شهري ذهني صحت جي حاصلات کي ترجيح ڏين ۽ خودڪشيءَ کان پري رهن، خودڪشين جي روڪٿام جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي وڏي وزير  چيو ته  سنڌ ۾  20-2017 ع دوران  767 خودڪشين جا واقعا رپورٽ ٿيا، رڳو ٿرپارڪر ضلعي ۾ 79 خودڪشيون رپورٽ ٿيون، ڪراچي ڊويزن ۾ وري ملير ضلعي ۾  سڀ کان وڌيڪ آپگهات وگهي فوتگيون رپورٽ ٿيون،  هن چيو ته اسان ٿر ۾ خودڪشي ڪيسن جو نفسياتي پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي. انگ اکرن موجب اڪثر عورتن ۽ گهٽ عمر وارن ٻارن خودڪشي ڪئي آهي، اڀياس مان معلوم ٿيو آهي ته 52 سيڪڙو خودڪشيون اڳ ۾ ئي طئه ٿيل هيون، جڏهن ته 48 سيڪڙو خودڪشيون اوچتو ۽ صدمي سبب  ٿيون، سماجي مسئلا، تڪرار ۽ مالي مسئلا خودڪشي جا وڏا ڪارڻ آهن. هن ڪورونا جي ذهني اثرن بابت ڪرايل اڀياس بابت چيو ته اٽڪل 62 سيڪڙو ماڻهن  ڪورونا سبب آمدني يا ڪمائڻ جي وڏي نقصان جي نشاندهي ڪئي، ڪورونا دوران متاثر ٿيلن مان  42 سيڪڙو  ڊپريشن جو شڪار هئا، مالي بحران مان نڪرڻ لاءِ   36 سيڪڙو شهرين قرض ورتو، جڏهن ته 21 سيڪڙو ماڻهن جائداد، سامان يا چوپايو مال وڪرو ڪري وقت گذاريو .