اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ خودڪشي جي واقعن ۾ 5 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي، نفسيات جي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته  ملڪ ۾ ٻن سالن دوران خودڪشي جي شرح 3 سيڪڙو مان وڌي 8 سيڪڙو ٿي وئي آهي، هر سال وانگر اڄ 10 سيپٽمبر تي خودڪشي کان بچاءُ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، پاڪستان ۾ خودڪشي جي واقعن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، تحقيقاتي رپورٽ مطابق تقريبن 25 سيڪڙو ماڻهو ڊپريشن، ذهني دٻاءَ ۽ دماغي بيمارين ۾ مبتلا آهن، جن ۾ وڌيڪ تعداد نوجوانن جو آهي، ماهرين آپگهات واقعن ۾ واڌ جو وڏو سبب معاشي بدحالي ۽ ڪورونا کي قرار ڏنو آهي. نفسياتي ماهرن موجب اڪيلائي، چڙ چڙهاهٽ، شرمندگي، نشي جو استعمال ۽ اهڙيون ڳالهيون جيڪي شرمندگي يا تڪليف جو سبب بڻجن، اهي انسان کي ذهني بيمارين طرف ڌڪي ڇڏينديون آهن، اهڙي صورتحال ۾ گهرڀاتين جوڌيان ۽ نفسياتي ماهرن سان رابطو ڪرڻ ضروري آهي.