اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ چيئرمين  صادق سنجراڻي جي سربراهي ۾ سينيٽرن جو وفد سعودي عرب پهچي ويو جتي انهن عمري جي سعادت حاصل ڪئي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان گڏ وفد ۾ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو، مشاهد حسين سيد، مولانا غفور حيدري، سينيٽر دلاور خان شامل آهن، سينيٽ جي ترجمان مطابق چيئرمين سينيٽ کي سعودي حڪومت پاران سعودي جي دوري جي دعوت ڏني وئي هئي، سينيٽ چيئرمين جي وفد سان گڏ سعودي پهچڻ تي سندس شاهي پروٽوڪول سان استقبال ڪيو ويو.