خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ لوهي جا رهواسي جھانپور شريف ويل 2 نوجوان شعبان ملڪ ۽ خير محمد ملڪ پراسرار نموني گم ٿي ويا آهن، ان حوالي سان نوجوانن جي وارثن امير بخش ملڪ ۽ امام بخش ملڪ ٻڌايو ته هڪ ڏينهن اڳ ٻئي نوجوان درگاهه جهانپورشريف ويا هئا، جيڪي گهر واپس نه موٽيا آهن ۽ سندن موبائل نمبر پڻ بند پيل آهن، هنن چيو ته ڳولا باوجود نوجوانن جو پتو ناهي پيو، هنن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته نوجوانن کي اغوا نه ڪيو ويو هجي، نوٽيس وٺي سندن ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.