پريالوءِ (ن پ ا) يوسي پيرمڱيون جي ڦل ڳوٺ جھانگي ڳوٺ، دوساڻي ڳوٺ، ڪمال خان ۽ نئون ڳوٺ جي آبادگارن ڦل واھڻ مائينر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف آبپاشي آفيس پريالوءِ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي شھزادو ڦلپوٽو، علي گوهر ڦلپوٽو، سعيد احمد ڦلپوٽو، عبدالرحمان ڦلپوٽو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته آبپاشي عملدار ھٿرادو پاڻي جي کوٽ ڏيکاري پڇڙيءَ جي آبادگارن کي ھٿ سان نقصان پھچائي رھيا آھن، هنن چيو ته پاڻي کوٽ سبب فصل سڪي ويا آهن، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڦل واھڻ مائينر جي پڇڙيءَ ۾ پاڻي پهچائي انصاف ڪيو وڃي