خانپور: مختلف ڳوٺن ۾ ارڙي جا هاڃا، 3 ٻار فوت، فوتين جو انگ 10 ٿي ويو

0
888

خانپور(ن پ ا) خانپور ويجھو ڳوٺ مراد جاڳيراڻي ۽ رانجھو جاڳيراڻي ۾ ارڙي وگھي 3 ٻارڙا فوت، فوتين جي گھرن ۾ روڄ راڙو متل آهي، وبا تي ضابطو نه اچڻ سبب ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي بيماري ۾ وچڙيل هجڻ باوجود صحت کاتي سار نه لڌي، جنهن سبب ڪيترن ئي مائرن جو جھوليون خالي ٿيڻ لڳيون آهن، ارڙي وگھي ٻنھي ڳوٺن جا نينگر ۽ نينگريون مھتاب ڌي غلام نبي جاڳيراڻي، گل حسن پٽ الهيار جاگيراڻي ۽ حامد پٽ بھار فوت ٿي ويا، جڏھن ته سميرا، علي رضا، ڪاشف، علي نواز، سجاد، اقصي،آڪاش، شڪيل، ساران سميت ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آھن، ڳوٺاڻن دلشاد جاڳيراڻي، انعام جاڳيراڻي عبدالحليم محمد زمان جاڳيراڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ھڪ مھيني کان اسان جي ڳوٺن ۾ ارڙي جي وبا ڦھليل آھي، مھيني دوران ڏھ ٻارڙا فوت ٿي چڪا آھن، صحت کاتو ارڙي وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي رھيو آھي.