ٺٽو: ڪينجھر ڍنڍ ۾ وھنجندي ڪراچي واسي 3 ڄڻا ٻڏي ويا

0
437

ٺٽو(ن پ ا) ڪينجھر ڍنڍ جي ڪاري پھاڙي پوائنٽ وٽ وھنجندي ڪراچي واسي 3 ڄڻا ٻڏي ويا، ڪينجھر ۾ ٻڏي ويل 3 نوجوانن جي لاشن کي مقامي ٽوٻن ڪڍي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.