ڪنوار پاران ساھرين ھيليڪاپٽر ذريعي انٽري

0
388

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) شادي کانپوءِ ڪنوار پاران ساھرين انٽري جي حوالي سان ڪيتريون ئي رسمون مشھور آھن پر ڀارت ۾ ڪنوار جي ھيليڪاپٽر ذريعي انٽري سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو آھي، ڀارتي رياست اتر پرديش سان تعلق رکندڙ ھڪ ڪنوار شادي جي فوري بعد ئي ھن وقت خبرن جي زينت بڻجي وئي آھي، جڏھن تھ ڳوٺ جي سربراھ طور تي چونڊجڻ جي ڪجھ ئي ڏينھن بعد ڪنوار پنھنجي ساھرين گھوڙا گاڏي يا ڪار بدران ھيليڪاپٽر ۾ انٽري ڏني، ڀارتي ميڊيا موجب بي جي پي سٽي جي نائب صدر بدون ويدرام لوڌي جي صاحبزادي ۽ سنيتا ورما گذريل سال ڊسمبر ۾ ڪورٽ ذريعي شادي ڪئي ھئي، پر ھندو رسم ۽ رواج جي تحت سنيتا جي گذريل ھفتي ٻيھر شادي ڪئي وئي، جنھن ۾ ڪنوار ھيليڪاپٽر ذريعي ساھرين انٽري ني. ڀارتي ميڊيا موجب سنيتا اوميندر سنگھ سان شادي بھ اليڪشن کٽڻ جي لاءِ ڪئي آھي، ڇو تھ قاعدن ۽ ضابطن موجب سنيتا جي اليڪشن کٽڻ جي لاءِ ھن جي ڳوٺ جي ووٽر ھجڻ ضروري ھو، ان کان اڳ سنيتا جي سس بھ ان کان اڳ ٻھ ڀيرا ڳوٺ جي سربراھ چونڊجي چڪي آھي.