خانپورمھر واسي ٻه ماسات مبينا لاپتا، ٻنهي جو کدڙن فقيرن ڏانهن لاڙو گهڻو آهي: علائقي واسي

0
228

خانپورمھر (ن پ ا) خانپورمھر واسي ٻه ماسات نوجوان ٽن ڏينھن کان پراسرار نموني گم ٿي ويا، جن جا وارث سخت پريشانين جو شڪار آهن.

وارثن موجب نوجوان حفيظ الله ملڪ ۽ ممتاز ملڪ ٽي ڏينھن پھريان گھران نڪري ويا جيڪي واپس ناھن آيا، پوليس ۽ انتظاميه ٻنھي نوجوانن جي ڳولا م مدد ڪري.

پوليس چيو آهي ته ٻنھي نوجوانن جا وارث اسان وٽ ناھن پھتا، ٻه مھينا پھريان به ھڪ ڄڻو حفيظ الله ملڪ پنهنجي مرضي سان کدڙن فقيرن سان گڏ ويو ھو جنهن کي چار ڏينھن بعد کدڙن فقيرن جي مڙھي تان پوليس ھٿ ڪيو ھو.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٻئي نوجوان کدڙن فقيرن ڏانھن ايندا ويندا رھندا آھن، ٻنھي نوجوانن جو کدڙن فقيرن ڏانھن لاڙو گھڻو آھي.