ھمايون: ٻن نوجوانن کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

0
203

ھمايون شريف(ن پ ا) ھمايون شريف ۾ ٻن نوجوانن کي مبينا طور کنڀي گم ڪرڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو ويو آهي.

شمن معرفاڻي ۽ انٽر جو شاگرد بابل معرفاڻي جي وارثن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي چيو ته ٻئي نوجوان پلال جي ٽرڪ ڀري جهان واهه مان شڪارپور پهچائي واپس اچي رهيا هئا ته رستي مان سلطان ڪوٽ ۽ جهان واهه پوليس کين کنڀي گم ڪري ڇڏيو، خدشو آهي ته جڙتو مقابلي ۾ نوجوانن کي ماريو ويندو.

ٻئي پاسي ايس ايڇ او جهان واهه صديق شر چيو ته اسان ڪو به نوجوان کنڀي گم ناهي ڪيو الزام ڪوڙا آهن، جڏهن ته  سلطان ڪوٽ جو ڊي ايس پي مسعود رضا مهر موقف ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو.