گاجي کهاوڙ ڀرسان ڪپڙا ڌوئڻ ويل پيرسن عورت ٻڏي فوت

0
233

گاجي کهاوڙ(ن پ ا) گاجي کهاوڙ ڀرسان ڌامراهه واهه تي ڪپڙا ڌوئڻ ويل پيرسن عورت ٻڏي فوت ٿي وئي.

ڌامراھ واهه جي ڪپرن تي ويٺل پنھور برادري جي پيرسن عورت مسمات ڀاڳن ڀري زال غلام علي پنھور پير ترڪڻ سبب واهه ۾  ڪري پئي.

علائقي واسين 2 ڪلاڪ ڳولا بعد پيرسن عورت جو لاش ڪڍيو ورتو، مسمات ڀاڳن ڀري جو لاش گھر پهچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.