اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ صدر عارف علوي کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ڪابينا مان ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت ملي ته  عمران خان کي گرفتار ڪنداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ وفاقي حڪومت وٽ هاڻ ڪا گنجائش ناهي ته ان معاملي تي ريفرنس ٺاهي نه موڪلي، سڀاڻي(اڄ) ڪابينا ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، صدر عارف علوي ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف ريفرنس ٺاهڻ جو معاملو غور هيٺ ايندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي اڄ آئين جي حڪمراني ۽ عوام جي حڪمراني کي تسليم ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ آئين جي واضح ڀڃڪڙي جا لفظ استعمال ڪيا، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ صدر عارف علوي استعيفيٰ ڏئي، فيصلي کانپوءِ عمران نيازي جي سياست جو جنازو نڪري ويو آهي، فيصلي سان ثابت ٿي ويو ته عمران خان ذاتي مقصدن لاءِ ڪنهن به ڪريل سطح تي وڃي سگهي ٿو.سندس چوڻ هو ته عمران نيازي ذاتي مفاد لاءِ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ آئين سان فراڊ ڪيو، فيصلي موجب صدر، وزيراعظم، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر آئين سان فراڊ ڪيو، آرٽيڪل 6 بابت ڪم ڪيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت ئي آرٽيڪل 5 ۽ 6 تحت ريفرنس داخل ڪري سگهي  ٿي، ريفرنس تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، هڪ ٻيو رستو به اختيار ڪري سگهجي ٿو. راڻا ثناءُ الله چيو ته اهي اڃا تائين قومي اسيمبلي مان پگهارون وصول ڪري رهيا آهن، اڃا تائين سرڪاري گاڏيون استعمال ڪري رهيا آهن، اسپيڪر انهن خلاف ريفرنس اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪري، کين ڊي سيٽ ۽ نااهل ڪيو وڃي، ڪابينا کي درخواست ڪئي آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏئي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته تحريڪ انصاف ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪري ۽ کين نااهل ڪرڻ جي ڪارروائي ڪري. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شيخ رشيد کي لانگ مارچ دوران گرفتار ڪرڻو هو، هو نظر ئي نه آيو، جڏهن ته نواز شريف بي ڏوهه آهي، ان کي غلط سزا ڏني وئي. ٻئي طرف وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ صلاحڪار قمر الزمان ڪائره گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته ملڪ جي جمهوري تاريخ ۾ عدالتي فيصلي کي سونهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو، هن چيو ته آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي حڪومت جو ڪم آهي، هاڻ حڪومت جي ذميواري آهي ته عدالتي فيصلي جو جائزو وٺي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو عمران جي بيانيي ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته سمورين اتحادي جماعتن جو به اهوئي موقف آهي ته پرڏيهي سازش وارو بيانيو بي اعتمادي رٿ روڪڻ جي ناڪام ڪوشش کانسواءِ ڪجهه نه هو. ان موقعي وزيراعظم جي مشير قمرالزامان ڪائرا چيو ته عدالت جو فيصلو غيرآئيني قدمن جو رستو روڪڻ آهي هاڻي حڪومت کي ان سلسلي ۾ جائز قدم کڻڻ گهرجي.

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پنهنجِي ٽوئيٽ بيان ۾ سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ڏنو آھي، سُپريم ڪورٽ جي فيصلي عمران خان ۽ سندس ساٿارين جي پروپئگنڊا کي وائکو ڪري ڇڏيو آھي ٽوئيٽ بيان ۾ ھن چيو تھ عمران خان جو رجيم چينج وارو هٿ ٺوڪيو بيانيو ۽ آئين  جي لتاڙ وارو عمل شرمناڪ آهي، هر ماڻهو کي فيصلو پڙهڻ گهرجي.