حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ سڄي ملڪ ۾ هڪ ڏينهن تي چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق

0
159
هڪ ڏينهن تي چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق
حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ سڄي ملڪ ۾ هڪ ڏينهن تي چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق

حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ  سڄي ملڪ ۾ هڪ ڏينهن تي چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ڪري ورتو

حڪمران اتحاد ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ چونڊ ڳالهين جو ٽيون دور پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو

حڪومتي وفد ۾ اسحاق ڊار، يوسف رضا گيلاني، سعد رفيق، ڪشور زهرا، طارق بشير چيما، اعظم نذير تارڙ، سيد نويد قمر جڏهن ته پي ٽي آءِ وفد ۾ شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري ۽ سينيٽر علي ظفر شامل هئا

ڳالهين کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته اتفاق ٿي ويو آهي ته چونڊون هڪ ڏينهن تي ڪرائڻ بهتري آهي. نگران حڪومت جي موجودگي ۾ ملڪ ۾ چونڊون ٿينديون، ملڪ ۾ هڪ ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ٿيڻ وڏي ڪاميابي آهي، اميد آهي ته ٻئي پارٽيون سنجيدگيءَ سان ڪم ڪن ته ٽئين مرحلي جو به فيصلو ٿي ويندو

 چونڊن جي تاريخ تي ٻنهي پارٽين جا پنهنجا پنهنجا موقف آهن، چونڊن جي تاريخ تي اڃا تائين ڪو به اتفاق ناهي ٿيو

 اسان چيو آهي ته جيڪو به اليڪشن کٽيندو، نتيجو قبول ڪيو ويندو