شاگردن سان بدفعلي جي ڪيس ۾ آزاد ٿيل سارنگ شر 4 ڏينهن کان غائب

0
254
آزاد ٿيل سارنگ شر 4 ڏينهن کان غائب
شاگردن سان بدفعلي جي ڪيس ۾ آزاد ٿيل سارنگ شر 4 ڏينهن کان غائب

شاگردن سان بدفعلي جي ڪيس ۾ آزاد ٿيل سارنگ شر 4 ڏينهن کان غائب آهي، جڏهن ته وارثن پوليس تي سارنگ کي گرفتار ڪري گُم ڪرڻ جو الزام هنيو آهي

وارثن جو چوڻ آهي ته خيرپور جي عدالت بدفعلي جي ڪيس ۾ سارنگ کي آزاد ڪيو هو، هاڻي مٿس ڪوبه ڪيس ناهي، سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار سارنگ کي زبردستي گهران کنڀي ويا

وارثن موجب هيل تائين سارنگ شر جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي آهي، خدشو آهي ته جعلي مقابلو ڄاڻائي کيس ماريو ويندو

ٺري ميرواهه پوليس ۽ ايس ايس پي خيرپور سارنگ شر جي گرفتاري کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي