حيدرآباد: ڦر ڪيل موبائل فون ٻاهرين ملڪ سپلاءِ ڪندڙ جوابدارگرفتار

0
413

حيدرآباد (رپورٽر) نسيم نگر پوليس شهر مان موبائل فون ڦر ڪري ٻاهرين ملڪ سپلاءِ ڪندڙ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪري ڇڏي، ڦورو ارشد علي موبائل فونز جي آءِ ايم اي آءِ ( Imei ) ڊوائيز تبديل ڪري وڪرو ڪندو هو، نسيم نگر پوليس موجب، جوابدار جي قبضي مان 30موبائل فون،  ليپ ٽاپ، ڊوائيز ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو آهي، جوابدار جا ٻين ملڪن ۾ به اڪائونٽ نمبر موجود آهن جن جا تفصيلا به هٿ ڪيا آهن، سندس ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.