ڪوئيٽا/ اسلام آباد (م ڊ+ بيورور رپورٽ) ڪوئيٽا ۾ ايف سي چوڪي تي آپگهاتي حملو، 4 اهلڪار شهيد، 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، وزيراعظم چيو آهي ته ٽي ٽي پي جي حملي جي مذمت ڪريان ٿو. ڪوئيٽا جي مستونگ قومي شاهراهه تي سونا خان ٿاڻي جي حد ۾ ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملي ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا، ڪوئيٽا پوليس جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) اظهر اڪرم پرڏيهي خابرو اداري رائيٽرز سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ بمبار 6 ڪلو وزني ڌماڪيدار مواد سان گڏ پاڻ کي ايف سي قافلي سان ٽڪرائي ڇڏيو، ڌماڪي ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ 20 زخمي ٿي پيا، ڊي آءِ جي ٻڌايو ته زخمين ۾ 18 سيڪيورٽي سيڪيورٽي اهلڪار ۽ 2 راهگير شامل آهن، پوليس موجب موٽرسائيڪل سوار دهشتگرد مستونگ روڊ تي ايف سي جي چيڪ پوسٽ کي نشانو بڻايو، نشانو اهلڪار ئي هئا، سي ٽي ڊي موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ موجود آهن ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف ٽي ٽي پي جي ترجمان محمد خراساني هڪ بيان جاري ڪندي حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي، هوڏانهن وزيراعظم عمران خان مستونگ روڊ تي ايف سي چيڪ پوسٽ تي پابندي پيل ٽي ٽي پي جي آپگهاتي حملي جي مذمت ڪئي آهي، پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ وزيراعظم شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، وزيراعظم سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو  ته ڪوئيٽا جي مستونگ روڊ تي ايف سي چيڪ پوسٽ تي پابندي پيل ٽي ٽي پي جي خودڪش حملي جي شديد مذمت ڪريان ٿو. عمران خان چيو ته پرڏيهي قوتن جي خواهش تي ٺهندڙ دهشتگردي جي منصوبن کي خاڪ ۾ ملائي اسان کي محفوظ بڻائيندڙ محافظن کي سلام پيش ڪريون ٿا. ٻئي طرف هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافي جو سبب نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ٿيڻ کي قرار ڏنو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن هٿان شهيد ٿيل اهلڪارن جي خاندانن جي ڏک ۾ شريڪ آهيون، نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ڪرڻ سبب دهشتگردي ختم نه ٿي آهي، دهشتگردن، رٿابندي ڪندڙن ۽ سهولتڪارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جانين جا نظرانا ڏيندڙ سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪريان ٿو، پاڪستان هاڻي نيشنل ايڪشن پلان کي سرد خاني  ۾ رکڻ جو متحمل نه ٿو ٿي سگهي، هن حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جو بهترين علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. اپوزيشن ليڊر شهبازشريف به ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي.