ڪرمپور: پوليس عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي ويندڙ جاتي واسيءَ کي اغوا کان بچائي ورتو

0
221

ڪرمپور (رپورٽر) ڪرمپور پوليس عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي ويندڙ جاتي واسيءَ کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي طرف ويندڙ غلام حسين اوٺو کي پوليس مڇي ٻنڊو واري علائقي ۾ روڪي ورتو.

پوليس موجب، غلام حسين اوٺو سجاول ضلعي جي جاتي واسي آهي جيڪو عورتاڻي آواز تي هرکجي ڳڙھي تيغو طرف وڃي رهيو هو، ڪچي هرکجي ويندڙ شخص کي فون ٽريسنگ ذريعي اغوا ٿيڻ کان بچايو، اغوا کان بچي ويل غلام حسين اوٺو ٻڌايو ته ڪراچي ۾ مال جي واڙي تي ڪم ڪندو آهيان، رانگ نمبر تي عورت سان رابطو ٿيو، شادي جو آسرو ڏئي گهرايو ويو هو.