حيدرآباد ڊويزن ۾ برسات: 30 ڳوٺ پاڻي هيٺ

0
243

حيدرآباد ڊويزن جي شهرن توڙي ٻهراڙي ۾ برسات راڱا ڪري ڇڏيا، دادو- مورو پُل وٽ سنڌو درياهه ۾ چاڙهه بعد 30 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا

ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهو  سامان سوڌو پڪي ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن، مختلف اسڪولز ۾ قائم ٿيل ڪئمپس تي متاثر خاندانن کي ترسايو ويو

مٽياري شهر جي مختلف پاڙن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، رستا ۽ گهٽيون تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، نيو سعيد آباد ڀرسان سِم نالو ٽٽڻ سبب 30 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ پئجي ويا

بدين ضلعي ۾ به طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي، مختلف علائقن ۾ 20 سِم نالن تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو، نالن جا ڪپر ڪمزور هجڻ سبب ڀرپاسي جي آبادين ۾ خوف جي لهر آهي

بدين جي امير شاھ سم نالي کي گهاري سبب ڀرپاسي جا ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته لاڳاپيل کاتي تحرڪ ناهي ورتو

ھي به پڙھندا

https://thetimenews.tv/%da%aa%d9%88%d9%87%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%db%be-%d9%86%d8%a6%d9%8a%d9%88%d9%86-%d9%88%d9%87%d9%8a-%d8%a2%d9%8a%d9%88%d9%86%d8%8c-%d9%85%d8%a7%d9%86%d8%ac%d9%87%d9%86%d8%af-%d8%b4%d9%87%d8%b1-%d9%bb/

سنڌ ۾ برسات بعد سمِ نالن، شاخن ۽ واهن کي گهارا

سنڌ ۾ برساتن جي تباهي، وڏي وزير جا دورا، متاثرن لاءِ اعلان