ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاھھ سنڌ ۾ برسات سبب ٿيل تباھڪارين ۽ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ دورا شروع ڪيا آھن، جڏھن تھ وڏي وزير مراد علي شاھھ سجاول ضلعي کي بھ آفت سٽيل قرار ڏنو آھي
مراد علي شاهه ٺٽو، سجاول، گهارو، ميرپور ساڪرو ۽ ٻين متاثر علائقن جو دورو ڪيو، جنهن دوران لاڳاپيل عملدارن کيس برسات سبب ٿيل تباهين بابت بريفنگ ڏني
Thatta: Sindh CM Syed Murad Ali Shah says fed govt is partnering with his govt for rehabilitation of rain-affected people .. pic.twitter.com/WoTFPwA5Hm
— Sindh Chief Minister House (@SindhCMHouse) August 20, 2022
وڏي وزير مراد علي شاھھ کي بريفنگ ڏني وئي تھ سجاول ۾ برسات سبب 12 ھزار 801 گھرن کي نقصان پھتو، 87 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو بي گھر ٿيا آھن
ضلعي آفيسرن طرفان بريفنگ کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاھھ سجاول کي آفت سٽيل ضلعو قرار ڏنو آھي
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ٽن ڏينهن کان جاري برساتن تباهي مچائي آهي، برسات سبب ٿيل نقصان جي جو جائزو وٺڻ لاءِ دورن تي نڪتو آهيان
هن چيو ته هن ڀيري سنڌ ۾ 500 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پيون آهن، جنهن سبب اڪثر علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن
وڏي وزير چيو ته جِن برساتن نالن کي لنگهه مليل نه آهي، اُتي ڏُکيائيون ٿي رهيون آهن، متاثرن کي ڏُکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين
Sujawal: Sindh CM Murad Ali Shah while meeting with rain-affected people at Dooleh Darya urged them to continue education of their children… pic.twitter.com/YFsOdabZFC
— Sindh Chief Minister House (@SindhCMHouse) August 20, 2022
مراد علي شاھھ چيو تھ وفاقي حڪومت سنڌ جي سمورين يوسيز کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ وڃي پئي، بينظير انڪم سپورٽ ذريعي متاثر خاندان کي 25 ھزار رپيا مدد جي مد ۾ ڏنا ويندا