سنڌ ۾ برسات بعد سمِ نالن، شاخن ۽ واهن کي گهارا

0
336

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ سمِ نالن، شاخن ۽ واهن کي گهارا لڳڻ جو سلسلو جاري آهي، گُپچاڻي ويجهو سِم نالي کي 20 فُٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ پاڻي ڳوٺ حاجي حسو خان گُپچاڻي ۾ ڪاهي پيو

شاهپور چاڪر ڀرسان سِم نالي کي 50 فٽ گهارو پوڻ سبب پاڻي فصل ٻوڙيندو ڳوٺ ڏانهن وڌي رهيو آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻا خوف ۾ مبتلا آهن

 خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان سِم نالي کي لڳل 100 فُٽ گهارو ٻڌجي نه سگهيو، 4 ڏينهن گذرڻ باوجود آبپاشي عملو گهارو ٻڌڻ لاءِ نه پهتو، ڀرپاسي قائم ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي گهيري هيٺ اچي ويا، جڏهن ته متاثر خاندان رستن ۽ اسڪولز ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور آهن

شادي لارج ڀرسان سِم نالي ون آر کي گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ 5 ڳوٺن کي پاڻي جو گهيرو آهي، آبپاسي عملو گهارو ٻڌڻ لاءِ حرڪت ۾ نه آيو

پکو ويجهو سِم شاخ کي 20 فُٽ گهارو پوڻ سبب ڀرپاسي جا ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارا ٻڌڻ ۾ رُڌل آهن

دوڙ ويجهو سِم نالي کي 4 مختلف هنڌن تان گهارا پيا آهن، ديهه 93 ۽ ديهه 94 وٽ سِم نالي کي 150 فُٽ گهارو پيو آهي، ڳوٺ عيدو خان بروهي وٽ گهاري کي 50 فُٽ گهارو پيو، ڀرپاسي قائم ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي گهيري هيٺ اچي ويا آهن

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻي ۾ برسات سبب 40 کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ