حيدرآباد پوليس جو انوکو ڪارنامو، فوتي عورت کي زنده ڄاڻائي بيان پيش ڪري ڇڏيو

0
376

حيدرآباد (ن پ ا) اي سيڪشن پوليس جو انوکو ڪارنامو، فوتي عورت کي زنده ڄاڻائي سندس بيان عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ٻن سالن بعد معاملو وائکو ٿيڻ ۽ عورت جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ هٿ اچڻ بعد متاثر شخص عبدالحميد سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر هڪ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته گهر ڪرائي تي اصغر علي ورتو ۽ بعد ۾ چيائين ته هو حسين دين آهي اصغر سندس ڀاءُ آهي، هن چيو ته 2017ع دوران لطيف آباد يونٽ نمبر 8 ۾ گهر ڌڻي عبدالحميد ۽ سندس ڪرائيدار علي اصغر م گهر جي مالڪي تان تڪرار ٿيو هو، اي سيڪشن پوليس معاملي جي حل لاءِ عدالت ۾ فوتي عورت جو مبينا جعلي بيان جمع ڪرائيندي ڄاڻايو ته ٻئي ڀائر جاڙا آهن پر والده جو بيان آهي ته گهر علي اصغر نه ورتو هو، بيان ۾ پوليس ڄاڻايو ته 8 جولاءِ 2019ع تي مسمات پروين ٿاڻي تي پهچي بيان رڪارڊ ڪرايو پر عورت جي ڊيٿ سرٽيفڪيٽ موجب ته مسمات پروين 7 جون 2017ع تي فوت ٿي وئي هئي، 14 جون 2021ع تي لاڳاپيل پوليس خلاف ايس ايس پي کي درخواست ڏني پر 12 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿيو.