ٽنڊوڄام ويجهو همراهه پر اسرار طور لاپتا، موٽر سائيڪل هٿ

0
194

ٽنڊوڄام(ن پ ا) ٽنڊوڄام ويجهو راهوڪي ٿاڻي جي حد مان 45 ورهين جو شخص پر اسرار طور لاپتا، وارثن پاران اغوا جو شڪ، ڳوٺ ٻروچ پالاري جو رهواسي 45 ورهين جو سالم پالاري ٻن ڏينهن کان پر اسرار طور لاپتا آهي جنهن جي لاوارث حالت ۾ موٽرسائيڪل هٿ اچڻ بعد وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، وارثن پاران راهوڪي ٿاڻي تي سالم پالاري جي اغوا جي رپورٽ درج ڪرائي وئي.