حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ٻيلي کاتي ۾ اسسٽنٽ ڪنزرويٽر جي مقررين خلاف داخل توھين عدالت واري درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو جاري ڪندي 17 هين گريڊ ۾ مقرر ٿيل 7 ڄڻن جي مقرري غيرآئيني قرار ڏيندي کين هٽائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي عدالت فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته لاڳاپيل کاتو پبلڪ سروس ڪميشن تحت ٻن مهينن دوران ڄاڻايل آسامين تي اشتهار ڏيئي نيون مقرريون ڪندو. اسسٽنٽ ڪنزويٽر جي جاين تي مقررين خلاف مصطفي سعيد ۽ ٻين پنهنجي وڪيل غلام سرور بليدي معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. 23 ڊسمبر تي جسٽس محمد اقبال ڪلھوڙو ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل ڊويزن بينچ ٻڌڻي ڪندي ڄاڻايل فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو جاري ڪيو ويو.