ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ملير ۾ گاڏي تي فائرنگ، پي ٽي آءِ جو مقامي اڳواڻ قتل ، هڪ ڄڻو زخمي، پ پ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسپتال پهچي ويا، اڳواڻن الزام هنيو آهي ته قبرستان لاءِ مختص 50 ايڪڙ زمين تي تڪرار هلندڙ آهي، لينڊ گريبر زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، حيدر سواتي کي به ڌمڪيون ملي رهيون هيون. ان ڏس ۾ ڪالهه قائدآباد پل هيٺان موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾سوار پيپلز پارٽي ملير جي اڳواڻ نور سواتي جي ڀاءُ ۽ پي ٽي آءِ ابراهيم حيدري جي صدر 45 ورهين جي خدادوست عرف حيدر سواتي دم ڏنو، جڏهن ته 52 ورهين جو عمر زاده زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن پهچي لاش ۽ زخمي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو، واقعي جو اطلاع ملندي ئي صوبائي وزير سعيد غني، محمد ساجد جوکيو، ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، پي ٽي آءِ ايم پي اي سعيد آفريدي، اڳوڻو صلاحڪار شاهه جهان خان، ڪراچي ضلعي ڪائونسل جو ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو اسپتال پهچي ويا، جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جن لاش سرد خاني ۾ رکرايو. اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ ايم پي اي سعيد آفريدي چيو ته حيدرسواتي تي لينڊ گريبرن ڪوڙي ايف آءِ آر ڪٽرائي هئي، ڪورٽ مان پيشي بعد هو واپس وڃي رهيو هو ته مرغي خاني وٽ هٿياربندن کيس ٽارگيٽ بڻايو. هن چيو ته 50 ايڪڙ زمين قبرستان لاءِ مختص آهن، انهي زمين تي چوديواري ڏياري وئي آهي پر لينڊ گريبر انهي چوديواري کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هن چيو ته قبرستان جي حوالي سان هڪ ڪاميٽي به جڙيل آهي، جنهن ۾ پ پ سميت سمورين پارٽين جي نمائندگي آهي. هن چيو ته لينڊ گريبرن کي پوليس جي سرپرستي حاصل آهي، ضلعي ۽ تعلقي انتظاميا لينڊ گريبرن خلاف ڪارروائي لاءِ پوليس کي خط به لکيا پر پوليس لينڊ گريبرن جي سرپرستي ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، اهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا. هن چيو ته آءِ جي سنڌ کي نوٽيس وٺي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ گھرجي. ٻئي پاسي ملير مان چونڊيل پ پ ايم اين اي آغا رفيع الله صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته قائدآباد ٿاڻي جي حد ۾ قبرستان جي زمين جو معاملو آهي، لينڊ گريبرن پاران مسلسل ڌمڪيون ملي رهيون هيون، مون وزير اعليٰ کان قبرستان جي چارديواري جي رٿا منظور ڪرائي هئي، جيڪو ڪم جاري هو، لينڊ گريبرن جي ساٿين هٿياربندن فائرنگ ڪري حيدر سواتي کي قتل ۽ قبرستان جي چوڪيدار کي زخمي ڪيو آهي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.