ڪراچي: حيدرسواتي پ پ جو ڪارڪن هو يا پي ٽي آءِ جو؟ ٻنهي پارٽين ۾ تڪرار پيدا ٿي ويو. ڪالهه جيئن ئي فائرنگ جي نتيجي ۾ خدادوست جي مارجڻ جو اطلاع مليو ته پ پ ايم اين اي آغا رفيع الله هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته خدادوست پارٽي جو پراڻو ڪارڪن ۽ منهنجو دوست هو. آغا رفيع الله جي اهڙي بيان تي پي ٽي آءِ ايم پي اي راجا اظهر افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پي ٽي آءَ مخالف جماعتون به واقعي تي همدردي جو اظهار ڪري رهيون آهن پر پ پ وارن زخمن تي لوڻ ٻرڪيو، ڇا اوهان کي خبر ناهي ته حيدرسواتي ڪهڙي پارٽي جو ڪارڪن آهي؟. پي ٽي آءِ ايم پي اي سعيد آفريدي چيو ته حيدرسواتي پي ٽي آءِ جو ڪارڪن هو، باقي سندس ڀاءَ نور سواتي پ پ سان تعلق رکي ٿو