ڪراچي: ملير ۾ قبرستان لاءِ مختص زمين تي ڪافي ماڻهن طرفان مالڪي جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي، ڌرين طرفان هڪٻئي تي ايف آءِ آرون به ڪٽرايون ويون آهن ۽ عدالتن ۾ ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾سيد سليمان، واحد زمان، گل زمان ۽ ٻين داخل ڪيل شڪايتن ۾ ڄاڻايو آهي ته زمين جي ليز سندن وٽ آهي، ايم اين اي آغا رفيع الله ۽ ٻيا قبرستان ٺاهڻ جي نالي ۾ اسان جي ليز ورتل زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا.