حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ميونسپل ڪمشنر جي بدلي وارو آرڊر معطل ڪري ڇڏيو

0
377
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي پاران حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل ڪمشنر کي بدلي ڪرڻ واري معاملي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ميونسپل ڪمشنر جي بدلي وارو آرڊر معطل ڪري ڇڏيو. 18 مئي تي مڪاني کاتي 19هين گريڊ جي ايڊمنسٽريٽر صفدر ٻگهيو جي بدلي ۽ 18هين گريڊ جي رٽائرڊ ڪيپٽن الطاف حسين جي مقرري بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، ميونسپل ڪارپوريشن ۾ مقرر 18هين گريڊ جي ميونسپل ڪمشنر زاهد حسين خواجه کي بدلي ڪري کيس رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو، لاڳاپيل عدالت حددخلين خلاف داخل درخواستن کي اڪلائڻ تائين عملدارن جي بدلين بابت لاڳاپيل کاتن کي روڪيو هو پر ٻنهي عملدارن ميونسپل ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر کي بدلي ڪيو ويو. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي روڪڻ باوجود عملدارن کي بدلي ڪيو ويو پر عدالت کان پڇڻ جي به زحمت نه ڪئي؟ ڊي سي عدالت کي آگاهي ڏني ته ايڊمنسٽريٽر جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ هئي ۽ صوبائي وزير دوري بعد کيس هٽايو آهي. عدالت چيو ته نئين ايڊمنسٽريٽر کي في الحال ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ميونسپل ڪمشنر جي بدلي وارو آرڊر ڪينسل ٿا ڪيون.