حيدرآباد جي ايڊيشنل آءِ جي سرڪٽ هائوس جون رهتون ادا نه ڪيون

0
352

حيدرآباد: حيدرآباد جي ايڊيشنل آءِ جي جميل احمد سرڪٽ هائوس جون رهتون ادا نه ڪيون، ڊپٽي ڪمشنر پاران اپريل ۾ لکيل خط جي باوجود سرڪٽ هائوس به خالي نه ٿيو. ڊاڪٽر جميل احمد آگسٽ 2020ع کان اڃا تائين سرڪٽ هائوس تي قابض آهي، ذريعن موجب ڊي سي، ڪمشنر کي خط لکي سرڪٽ هائوس خالي ڪرائڻ لاءِ چيو هو، ڊي سي آگسٽ کان مارچ 2020ع تائين 2 لک 60 هزار رهتون ڏيارڻ جي به درخواست ڪئي هئي، ذريعن موجب ڪمشنر ڪارروائي لاءِ سنڌ سرڪار کي خط لکڻ بدران دٻائي ڇڏيو، هوڏانهن ڪمشنر جو چوڻ هو ته ڊي سي سرڪٽ هائوس خالي ڪرائڻ لاءِ نه پر رهتون ادا ڪرڻ لاءِ خط لکيو هو.