حيدرآباد جي ايڊيشنل آءِ جي پاران وزيراعظم جي سيڪريٽري جو خط ڪوڙو قرار

0
910

حيدرآباد: حيدرآباد جي ايڊيشنل آءِ جي جميل احمد وزيراعظم جي سيڪريٽري جي خط کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته خط ۾ لڳايل الزام بي بنياد ۽ من گهڙت آهن، الزامن متعلق ڪا به تصديق موجود نه آهي ۽ اهي مفروضن ۽ ذاتي خواهش تي ٻڌل آهن. هن چيو ته آئون الزامن جي سختي سان ترديد ڪريان ٿو، ڊگهي عرصي تائين پوليس جي نوڪري ايمانداري سان ڪئي ۽ حد کان ٻاهر نه نڪتو آهيان.