نوشهروفيروز: عدالت جي حڪم تي ايس ايڇ او کي حراست ۾ ورتو ويو

0
258

نوشهروفيروز(ن پ ا) ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت پاران ايس ايڇ او کي حراست ۾ وٺڻ جي حڪم بعد حنيف مھر کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، عدالت ايس ايڇ او کي فريادي جي درخواست تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڪيو ھو، ايس ايڇ او عدالتي حڪم کي ٿڏي ڪيس داخل نه ڪيو، جنهن تي ايڊيشنل سيشن جج ايس ايڇ او کان سخت پڇاڻو ڪيو پر ايس ايڇ او عدالت کي مطمئن نه ڪري سگھيو، جنهن تي عدالت حڪم ڏنو کيس حراست ۾ ورتو وڃي.