ڪنري ۾ ڀيڻ جي لڄ بچائيندي قتل ٿيل پورھيت جو خون لوڙھڻ جو خدشو، ريلي

0
207

ڪنري(ن پ ا) ڪنري ۾ 13 ڏينھن اڳ ڀيڻ جي لڄ بچائيندي قتل ٿيل پورھيت ڀيرو ڪولھي جي وارثن خون لوڙھڻ جو خدشو ظاھر ڪري ڇڏيو، احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو، مقتول ڀيرو ڪولھي جي وارثن ۽ ڪولھي اتحاد جي اڳواڻن جوابدارن جي گرفتاري ۽ نئين مقرر ٿيل ايس ايڇ او جي مقرري خلاف آمريڪن چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو، مظاھري ۾ عورتن ۽ ٻار به شامل، ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي، مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس قاتلن جي ساٿاري بڻيل آھي، 12 ڏينھن گذرڻ باوجود ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن کي اڃان تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو، گذريل ڏينھن ڪنري ۾ عاطف شاھ کي ايس ايڇ او مقرر ڪري ڀيرو ڪولھي جي ڪيس ۾ ھٿن سان ٻوڙڻ جي سازش ڪئي وئي آھي، مظاھرين جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او عاطف شاھ کي ھٽائي ٻيو ايماندار ايس ايڇ او مقرر ڪري ڀيرو جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.