لاهور(م ڊ) جيو فينسنگ رڪارڊ موجب حساس ملڪيتن تي حملن جو منصوبو مبينا طور 8 مئي تي زمان پارڪ ۾ تيار ڪيو ويو. ٽيڪنيڪي تجزيي ۽ جيو فينسنگ سان انڪشاف ٿيو آهي ته اعليٰ قيادت جو حملي آورن سان رابطو هو. جيو فينسنگ موجب عمران خان جو زمان پارڪ مان 6 اهم شخصيتن سان رابطن جو رڪارڊ سامهون آيو آهي. رڪارڊ موجب ياسمين راشد، حماد اظهر، محمود الرشيد، اعجاز چوڌري، اسلم اقبال ۽ مراد راس ڏڦيڙين سان رابطي ۾ رهيا، 215 ڪالرز 9 مئي تي 6 اڳواڻن سان رابطن ۾ رهيا. ياسمين راشد جو ڪالز ذريعي 41 ڀيرا رابطو ٿيو، حماد اظهر جي موبائل نمبر تان شرپسندن کي 10 ڪالز ڪيون ويون، محمودالرشيد 75 ڀيرا موبائل رابطن ۾ اڳڀرو رهيو، اعجاز چوڌري طرفان ڪئي ويندڙ 50 ڪالز رڪارڊ ۾ آيون، اسلم اقبال 16، جڏهن ته مراد راس 23 ڪالز ڪيون.