ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اٽي جو بحران، ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ  فلور ملز ايسوسيئشن جي سنڌ خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جي سپلا روڪڻ خلاف داخل درخواست تي سنڌ حڪومت، ايڊووڪيٽ جنرل، خوراڪ کاتي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 31 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو، فلور ملز جي وڪيل رضا رباني جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ جي چرپرتي بندش سبب ڪراچي جي فلور ملز کي پريشانين جو منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، مٿان وري سرڪار پاران کين گهرج مطابق ڪڻڪ فراهم نه ٿي ڪئي وڃي، هن وقت ڪراچي جون 90 کان وڌيڪ فلور ملز بند پيل آهن، هن چيو ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ مهانگي اگهه تي وڪرو ٿي رهي آهي، فلور ملز پاران درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته سنڌ حڪومت کي ڪڻڪ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو وڃي