اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي 4 سالن جي حڪومت دوران ملڪ جي آمدني ۽ ٿيل خرچن سوڌو هر سال بجيٽ خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ ورتل قرضن جا تفصيل پيش ڪيا ويا آهن، ناڻي وزارت ايم ڪيو ايم جي صلاح الدين جي سوال جو لکت ۾ جواب ڏيندي قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ جي سال 2019ع ۾ ڪل ٽيڪس وصوليون 2038 ارب، جڏهن ته خرچ 5599 ارب رهيو، بجيٽ خسارو 3561 ارب جو ٿيو، پي ٽي آءِ سال 2019ع ۾ اندروني ۽ بيروني ذريعن وٽ ڪل 7755 ارب جو قرض ورتو، اهڙي ريت سال 2020ع ۾ ٽيڪس وصوليون 3278 ارب  رهيون، خرچ 6819 ارب رهيا، بجيٽ خسارو 3541 ارب رهيو، سال 2020ع ۾ پي ٽي آءِ حڪومت اندروني ۽ بيروني ذريعن وٽان ڪل 3691 ارب بجيٽ خساري لاءِ قرض ورتو، سال 2021ع ۾ ڪل ٽيڪس وصوليون 3528 ارب رهيون، خرچ وڌي 7245 ارب تي پهتا، ائين انهيءَ سال بجيٽ خسارو 3717 ارب رهيو، سال 2021ع ۾ پي ٽي آءِ بجيٽ خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ اندروني ۽ بيروني ذريعن وٽان 3468 ارب جو قرض ورتو، اهڙي ريت سال 2022ع ۾ ڪل ٽيڪس وصوليون 3739 ارب جون رهيون، جڏهن ته خرچ 9350 ارب تي پهتا، انهيءَ سال بجيٽ خسارو 5611 ارب رهيو، سال 2022ع ۾ بجيٽ خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪل اندروني توڙي  بيروني ذريعن وٽان 9328 ارب رپين جا قرض ورتا ويا