ڪرمپور: ايس ايس پي آفيس ڪشمور پاران ڪرمپور ٿاڻي جي حد مان ٻن ڄڻن جي اغوا ٿيڻ جي ترديد ڪئي وئي آهي، آفيس پاران چيو ويو آهي ته ٻئي ڄڻا ڪرمپور نه پر شڪارپور جي ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيا آهن. ٻئي طرف ايس ايچ او ڪرمپور جو چوڻ هو ته هو پاڻ ڏوهارين سان دوستي رکي ڪچي ويا آهن، ڄاڻ هجڻ باوجود به ماڻهو ڪچي ۾ وڃن ٿا ۽ بعد ۾ پوليس خلاف دانهون ڪن ٿا.