ملير (رپورٽر) گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته آءُ ڪنهن وٽ به مٺائي کڻي نه ويو آهيان، مون سان مصطفيٰ ڪمال رابطو ڪري خواهش جو اظهار ڪيو ته پي ايس پي کي پي ٽي آءِ زم ڪرڻ چاهيون ٿا، ان ڪري مون ملاقات ڪئي، عارف نقوي معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار گورنر سنڌ عمران اسماعيل ڪي اليڪٽرڪ بن قاسم ٿرمل پاور اسٽيشن جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن گورنر سنڌ کي منصوبي بابت آگاهي ڏيندي چيو ته هي منصوبو 70 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي، هي منصوبو 650 ملين ڊالرن جي لاڳت سان تعمير ٿيو آهي جيڪو 900 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو، ان موقعي تي گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي ته رمضان ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي، هڪ سوال جي جواب ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو ته عارف نقوي جي معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي هو بهترين انسان آهي، دعا آهي ته هو جلد ڪاروباري سرگرمين ۾ واپس اچي، آءُ ڪنهن ڏانهن به مٺائي کڻي نه ويس پر مون سان رابطو ڪري خواهش جو اظهار ڪيو ويو ته پي ايس پي کي پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪرڻ چاهيون ٿا، ان ڪري آءُ ملاقات ڪئي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، حڪومت کي ڪوبه خطرو نه آهي، حڪومت پنهنجا 5 سال پورا ڪندي، افواھ پکيڙيندڙن کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.