لاهور (م ڊ) لاهور ۾ برطانوي ڄائي پاڪستاني ناري کي قتل ڪيو ويو، ڊفينس فيز 5 ۾ واقعو پيش آيو، ڊفينس ٿاڻي جي پوليس ٻن نامزد جوابدارن سميت 4 ماڻهن خلاف ناري جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو آهي. مقتولا جي چاچي محمد نذير ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ماهره ذوالفقار جو والد لنڊن ۾ رهندو آهي ۽ ماهره لاهور ۾ پنهنجي دوستن سان رهندي هئي، ڪيس ۾ نامزد جوابدار ماهره سان شادي ڪرڻ چاهيندا هئا، جنهن تان ظاهر جدون ۽ سعد امير بٽ کيس قتل ڪيو. ماهره ذوالفقار جي پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن مطابق ماهره کي نڙي ڀرسان گولي لڳي آهي، جسم تي به تشدد جا نشان آهن.