شڪارپور (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور پاران مين هول نه لڳائڻ تي چيف ميونسپل آفيسر تي سخت ڪاوڙ جو اظھار، ڊپٽي ڪمشنر کي مين هول لڳرائڻ جي ڪم جي نگراني ڪرڻ ۽ ايس ايس پي کي مين ھول جا ڍڪڻ خريد ڪندڙ ڪٻاڙين تي ڪڙي نظر رکڻ جو حڪم، خبر موجب هڪ مهينو اڳ معصوم نينگر ايمان علي جلباڻي جي کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري واقعي بعد مين هولن تي ڍڪڻ لڳائڻ واري ڪيس ۾ چيف ميونسپل آفيسر سيشن عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي هن رپورٽ پيش ڪئي. عدالت مين هولن تي 4 مئي تائين ڍڪڻ نه لڳائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، ان سلسلي ۾ سيشن جج ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي حڪم جاري ڪيو ته کليل مين ھولن کي ڍڪڻ لڳائڻ واري ڪم جي هو پاڻ نگراني ڪري، ٻئي طرف سيشن جج ايس ايس پي شڪارپور کي پڻ هڪ ليٽر لکي چيو آهي ته شھر جي سڀني ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي حڪم جاري ڪيا وڃن ته هو پنھنجي علائقي ۾ انهن ڪٻاڙين تي ڪرڙي نظر رکن جيڪي مين هولن جا ڍڪڻ خريد ڪن ٿا.